Saturday, June 12, 2021

لئنسڊائون پل روھڙي

 لئنسڊائون پل روھڙي 

جڏھن انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو تہ ھنن جو وڏو مقصد ھيو تجارت ھتان جو مال پنهنجي ملڪ پهچائڻ ۽ پنهنجو مال ھتي پهچائڻ ان لاء برٽش انڊيا ڪمپني 1830ع ۾ LT جان وڊ  1835ع اي ڊي سليڊ کي ننڊي اسٽيمر دي انڊس ڊريعي سنڌو اندر تجارتي رستن جي ڳولا ڪئي 

جڏھن ھنن جو سنڌ مٿان 1843ع  ۾ قبضو ٿي ويو تہ ھنن سنڌو درياه ۾ تجارتي مال جي ڏي وٺ لاء ڪراچيء ۽ ملتان درميان اسٽيمر ھلايا جيڪي 40 ڏينهن ان سفر ۾ وٺن پيا ان سان گڏ کين ٻيون مشڪلون بہ پيش اچن پيون ان لاء سنڌ جي ڪمشنر ھنري ايڊورڊ فريئر 1858ع ڪراچيء ۽ ڪوٽڙيء درميان ريل جي رستي لاء سروي ڪرايو اپريل 1858ع ۾ ڪم شروع ٿيو ۽ 13 مئي 1863ع ۾ ڪراچيء کان ڪوٽڙيء تائين ريلوي لائين وڇائجي وئي اھڙي طرح سان 27 oct 1878ع ڪوٽڙيء کان دادو رستي سکر ريلوي لائين وڌي وئي ۽ ان سان گڏ روھڙي کان خانپور، خانپور کان ملتان   لاھور کان دھلي وڇائجي وئي ۽ آمدرفت ريل جي شروع ٿي وئي سرڪار جو مين مقصد ھو ڪراچي پورٽ کي دھليء سان ملائڻ ھاڻي مسئلو ھو ان ريلوي رستي جي وچ ۾ دريائن واھن ۽ نالن مٿان پلن جي اڏاوت جنهن ۾ سکرروھڙي درميان درياه مٿان پل جي اڏاوت ھڪ اھم منصوبو ھو جنهن جي اڏاوت جو منصوبو انگريز سرڪار اڳ ھي ڏئي چڪي ھئي 1878ع جي آخر ۾ ريل سکر پهتي تہ  ريلوي اسٽيشن بندر روڊ تي گونگن ٻارن جي اسڪول سامهو تعمير ڪئي وئي ۽ روھڙيء واري پاسي ستين جي ماڳ کان ٿورو اڳڀرو ساڌه ٻيلي سامھون بندر ريلوي اسثيشن تعمير ڪئي وئي ريل جي گاڏن ۽ انجڻ کي دريا پار ڪرائڻ لاء وڏا ٻيڙا تيار ڪيا ويا جيڪي ھڪ وقت مال سميت 8 گاڏا ۽ انجڻ دريا پار پهچائن پيا جنهن کي ٻاڦ تي ھلندڙ انڊس فلوٽيلا ريلوي جو اسٽيمر ڇڪيندو ھو ھن منصوبي جو معمار لئنسڊائون پل جو سپرنٽينڊينٽ انجيئر فريڊرڪ ايورٽ رابرٽسن ھو ھن ڪم ۾ وڏي سيڙھپ ۽ ڪمپنيء جو گهڻو خرچ لڳي پيو ان ڪري پل جو منصوبو تہ اڳ ھي زير غور ھو جنهن لاء سروي 1972ع کان شروع ٿي چڪي ھئي جنهن لاء 5 ماھرن منصوبا پيش ڪيا جنهن لاء پهريون سروي تعميرات محڪمي جي جيمس رامسي ڪيو جنهن کي ميجر جنرل جيمس برائون اڳي وڌايو ان بعد سر گيلفورڊ مولس ورٿھ ڪيو ان کان پوء رچرڊ بيل ڪيو ۽ بعد ۾ سر ايگزينڊر ميڊو رينڊل ڪيو جنهن جي منصوبي کي 1883ع ۾ منظور ڪيو ويو جيڪو ٻن ڪينٽيليور (ٽوڙ) تي مشتمل ھو جيڪو ھرھڪ 310 فوٽ ڊگهو ۽ 169 فوٽ اونچو ھو انهن جي وچ۾ 200 فوٽ جو اسپان (محراب)   رکيو ويو  دريا ۽ پل درميان ليول (جيڪا عام ڏينهن) ۾ 52 فوٽ ۽ سيلاب ۾ 35 فوٽ رکي وئي ھن پل جي پلرن جو وزن 33000 ٽن ھو ۽ پل ۾ آمدرفت لاء رستي جي جڳهہ 15 فوٽ رکي وئي روھڙي سکر درميان بکر جو قلعو آھي اڳ ھي سارو علائقو پراڻو سکر بکر ۽ روھڙي پاڻ ۾ زميني رستي مليل ھئا بکر جو قلعو ۽ پراڻو سکر بکر جي نالي سان سڏيو ويندو ھو ۽ بعد ۾ پراڻو سکر غالبن 1843ع بعد ھي نالو پيو جو اڄ بہ پراڻي سکر اندر بکر چوڪ مشھور جڳهہ آھي جڏھن سنڌو ندي (ھاڪڙو) پنهنجو وھڪرو ڦيرائي سکر ۽ روھڙيء جي وچ وارن چن جي ٽڪرين مان پنهنجو رستو جوڙيو جنهن لاء ايڇ راورٽي 335 ھجري 941ع ۽ ايبٽ 992ع ڄاڻايو آھي

( نوٽ )

(پهرين دريا روھڙي ۽ بکر قلعي درميان وھڻ لڳو ۽ ٿورو پراڻي سکر ۽ بکر درميان جڏھن 947ھجري 1541ع مغل بادشاه ھمايون شير شاه سوري کان شڪست کائي روھڙي پهتو تہ ارغونن جي سپھ سالار سلطان محمود بکري ڪولتاش سندس اچڻ جي خبر کان پهرين بکر جي قلعي کي ٻٽي ديوار ڏياري مضبوط ڪيو  ۽ پراڻي سکر ۽ بکر درميان وھندر وھڪري کي کرڙائي اونهو ڪيو جينئن قلعو حملا آورن کان محفوظ رھي انهيء کوٽائيء کان پوء دريا مٿان سکر واري پاسي کي کرڙيء جو ميدان سڏيو وڃي ٿو انگريز دور حڪومت ۾ ھن وھڪري کي وڌيڪ اونهو ۽ 400 فوٽ ويڪرو ڪيو ويو جيڪو اڳ 300 فوٽ ھو ڇو جو روھڙي

 (ويڪر 1200 فوٽ)واري پاسي جي دريائي وھڪري جي رفتار سيلاب دوران تيز ھئي ۽ اتي ٻيڙا بيھارڻ ۾ مشڪل ٿيندي ھئي ۽ سکر واري پاسي بيهارڻ ۾ آساني ٿيندي ھئي ان تيز روھڙي جي وھڪري ڪري سکر کي انگريزن 1839ع ڇانوڻيء جو درجو ڏنو نت اڳ انگريزن جي ترجيح روھڙي ھئي )

ھن پل کي تعمير ڪرڻ جو ٺيڪو لنڊن بيس ڪمپني ويسٽ وڊ بيلي اينڊ ڪمپني انگلينڊ کي ڏنو ويو 

سکر چينل واري پاسي جو دريائي ترو پٿريلو ھو جنهن لاء 3 ٿنڀا بلترتيب 278 ، 268 ۽ 94 فوٽن جي مٿان پل جوڙي وئي جنهن جي اڏاوت جو ڪم  1883ع جي پڇاڙيء ۾ شروع ٿيو جيڪو مارچ 1885ع پائي تڪميل ٿيو ان بعد روھڙي چينل واري پاسي پل جو ڪم شروع ٿيو جنهن کي لئنسڊائون پل سڏيو وڃي ٿو مئي 1887ع انگلينڊ کان مال پهچڻ ۾ دير لڳي جيڪا سيپٽمبر 1887ع ۾ وڃي دور ٿي ۽ ڪم زور شور سان ٻيهر شروع ٿيو ۽پل 1888ع جي پڇاڙيء ۾ تيار ٿي وئي 

روھڙي واري پاسي جي درياه جو ترو سلٽي ھيو ان ڪري اتي ٿنڀا پل لاء ڪارگر نہ رھن ھا ان ڪري بغير ٿنڀن جي ھي پل تعمير ڪئي وئي 19 مارچ 1889ع ھڪ پٿرن سان ڀريل بلاسٽ ٽرين ٽرائل لاء گذارڻي ھئي جنهن لاء ڪوئي انجڻ ڊرائيور خوف کان ھلائڻ لاء تيار ڪون ٿئي پيو ان لاء ھڪ شيدي قيديء کي سکيا ڏئي ان ڪم لاء آماده ڪيو جنهن ھيء ٽرين پل مٿان گذاري جنهن کي بعد انعام اڪرام ۽ سندس مليل سزا کي رد ڪيو ويو ان بعد ماڻھن ۾ ھن مٿان گذرڻ جو ڊپ لٿو (شيدي وارو حوالو ڪتاب سکر سونهارو پرسرام ويرو مل مسند 1940ع)

(نوٽ)

ڪجهہ ماڻھن جو خيال آھي تہ اھو ڊرائيور جمالو نالي ھو ۽ ان کي ھو جمالي لوڪ گيت سان جوڙن ٿا جيڪو غلت آھي نہ وري ان جو ڪو تاريخي حوالو ملي ٿو ھو جمالي لوڪ گيت باري ۾  ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي ڪتاب لوڪ گيت ڇپيل سنڌي ادبي بورڊ 2006 ع ڏسڻ کپي 

پل جو نالو ان وقت گڏيل ھندستان جي وائسراء لارڊ لئنسڊائون جي نالي رکيو ويو جنهن پل جي افتتاح لاء پنهنجي جاء تي بمبئي جي گورنر لارڊ ري کي موڪليو جنهن ھن پل جو افتتاح 27 مارچ 1889ع تي ڪيو 

(نوٽ)

(ڪافي ماڻھون ھن جي افتتاح جي تاريخ 25 مارچ 1889ع ڏين ٿا جيڪا غلط آھي ۽ صحيح تاريخ 27 مارچ 1889ع آھي ان لاء بکر واري پاسي کان پل جي افتتاح جي سنگمرر جي تختي اڄ بہ ديوار ۾ لڳل آھي)

پل جي افتتتاح لاء صبح جو ٽائيم رکيو ويو ڇو جو موسم جي تيزيء کان انگريز ڪاموراشاھي کي بچائڻو ھيو جيڪي ڪوٽن سان ملبوس ھئا بکر جي قلعي اندر مھمانن لاء شاميان ھنيان ويا جتي علائقي جي سردارن پيرن سيدن ديوانن ۽ ٻين معززين کي دعوت ڏئي گهرايو ويو دعوت وارو ڪارڊ سنهري رنگ جو ھو جنهن تي خاص لفظ لکيل ھئا اردوء ۾ 

(آئو پل کولين) مهمانن ۾ لارڊ ري ليڊي ري مير علي مراد خان ٽالپر والي خيرپور رياست سندس وزير ۽ عزيرز پير صاحب پاڳارو ڪمشنر سنڌ مسٽر پرچرڊ ليڊي پرچرڊ  ڪرنل والس ڊائريڪٽر نارٿھ ويسٽرن ريلوي ايل ڪرنل ڪونوي گورڊن ڊاريڪٽر جنرل ريلوي ۽ ٻيا معززين  ڪمشنر سنڌ پنهنجي سکر واسي مير منشي خداداد خان ھن افتتاح کان اڳ موڪليو تہ وڃي انتظامي امور ۾ ميونسپالٽي جي مدد ڪري (ان سڄي افتتاحي تقريبات جي روء داد کي 64 صفن ۾ فارسي ٻولي ۾ ڪتابي شڪل خدادادخان ڏني جنهن جو نالو (پل نامہ) رکيائين جنهن جو بعد سنڌ ڪمشنر جي چوڻ تي انگريزيء ۾ بہ ترجمو ٿيو ھي ڪتاب ھن وقت ناپيد آھي اگر ڪنهن کي ھن  ڪتاب جي باري ۾ ڄاڻ آھي تہ مون کي اطلاع ڪندا)

گورنر لارڊ ري پنهنجي تقرير ۾ ھن جي پل مان فائدي لاء آگاه ڪيو ۽ جوڙيندڙ عملي جي ھمٿ افزائي ڪئي ان بعد سپرنٽينڊنٽ انجنير رابرٽسن پل جي اڏاوت ۽ ان ۾ ايندڙ مشڪلاتن بابت آگاه ڪيو 

گورنر بمبئي لارڊ ري ۽ سڀئي معززين ۽ آفيسر پل جي بکر واري پاسي کان اچي بيٺا پل جي لوھي دروازي کي آرائشي تالو لڳل ھو جيڪو لاھور جي ميو ڪاليج آف آرٽس جي پرنسپل ۽ مشھور شاعر ۽ مصنف جوزف روڊ يارڊ جي فرزند ايل ڪيپلنگ ٺاھيو ھو ان تالي جي چاٻي انجنئر رابرٽسن گورنر کي ڏني جنهن تالو کوليو ۽ان بعد دروازي کولي سڀ مهمان پيادل پل جي ٻي پاسي روھڙي طرف ويا پل کي کجيين جي پڇڙن سان سينگاريو ويو ھو پل تي افتتاح وقت دعا جا ڪلمات لاھور جي بشپ ادا ڪيا 

(نوٽ)

ھتي اڪثر ماڻھون چوندا آھن تہ پل کي ھيٺان تالو لڳل آھي جنهن جي چاٻي انگريزن درياه ۾ اڇلي ڇڏي نت ھي ٻن حصن ۾ کلي ويندي آھي تالي کلڻ بعد جنهن جو ان حقيقت سان ڪو واسطو ڪونهي بس ان دروازي واري تالي ڪري ھي ڪهاوت جڙي وئي آھي اھا ڳالهہ ڪجهہ سال اڳ مونکان سيد سمير احمد ڊپٽي ڪمشنر سکر مونکان پڇي ھئي تہ پہل ۾ ھيٺان تالو ڪٿي لڳل آھي جڏھن مان ڊي سي ڪمانڊر نيوي ميمڻ صاحب سان بوٽ ۾ پل ھيٺان گذري رھيا ھئاسين)

ھب ل جي اڏاوت دوران ڪل 6 ماڻھن جو موت ٿيو 4 اوچائيء تان ڪري مري ويا ۽ 2 مٿان لوھي ٽول ڪرڻ ڪري موت ٿيو 

(ايوب پل تي 40 مزدور اجل جو شڪار ٿيا ھيا جو کيس مزدور خوني پل سڏيندا ھئا ۽ ڪوئي مزدور ھن پل تي ڪم لاء تيار ڪون ھو ۽ ٽيڪيدار کي مجبورن ڊبل مزدوري ڏيڻ سان مزدور دستياب ٿيندا ھئا)

ھن سڄي ڪم جو انچارج سپرٽينڊنٽ انجنئر فريڊرڪ ايوٽ رابرٽسن ھو سندس ايگزيٽو ايم ايس اين ھيڪوئيٽ اوورسيئر اي ڊي ھيڪوئيٽ ٻئي ي پٽ؟ فرانسيسي ھئا ۽ سن اوورسيئر فيض محمد ھو  اڏاوت دوران مختلف وقتن تي ھنن اسٽنٽنٽ انجنئر ھٿ ونڊايو پي ڊنڪن، آر ايگرٽن ۽ جي ايڊم رابرٽسن ھن پل کي ڊزائن ڪرڻ وارو سر اليگزينڊر ميڊو رينڊل سول انجنئر ھو پاڻ 3 اپريل 1828ع پلئموٽ انگلينڊ ۾ پيدا ٿيو جڏھن تہ سندس وفات 23 جنوري 1918ع لنڊن ۾ ٿي ھي 1857ع ھندستان آيو 1870ع لو گيج ٺاھڻ واري گيج جي ڪميشن جو ميمبر ٿيو سندس شادي نيوزلينڊ جي گورنر ڪيپٽن وليم ھوبسن جي ڌيء ايلزا ھوبسن سان 27 جنوري 1853ع ٿي کيس 5 پٽ ۽ 3 ڌيئر ٿيون 1850ع ھي انڊين ريلوي جو مشاورتي انجنئر پڻ ھو ھن لئنسڊائون پل کان علاوه ھي پليون بہ ڊزائن ڪيون

 پٽنا اپر سون پل

چناب تي ايلگزينڊريا پل

گنگا تي ھارڊنگ پل

ستلج تي ايمپريس پل 


فريڊرڪ ايورٽ رابرٽسن 

سپرنٽينڊنٽ انجنئر لئنسڊائون پل 24 فبروري 1847ع انگلينڊ ۾ پيدا ٿيو 188 بنگال اندر ھ سال تعميراتي،روڊ ۽ عمارتن جي محڪمي اندر ڪم ڪيو ان بعد اسٽيٽ ريلوي جي سروي ۾ ملازمت ڪئي 187 بالائي سنڌ ۾ تعميرات ڊويزن جو انچارج انجنئر رھيو 1879ع انچارچ انجنئر نارٿ ويسٽ ريلوي فيري اسٽيمر سکر رھيو جنهن ذريعي روھڙي سکر درميان درياه رستي ٽرين ٻيڙن ۾ پاس ٿيندي ھئي ان بعد لئنسڊائون پل تي ڪم ڪيائين ان کان پوء کيس سنڌ ريلوي جو چيف انجنئر مقرر جيو ويو جنهن ڪوئٽہ طرف کوجڪ ٽنل تي ڪم ڪيو ڪجهہ وقت لاء اسٽيٽ انڊين ريلوي ۾ 1897ع تائين چيف انجنئر طور ڪم ڪيائين سکر پل جي اڏاوت دوران ھن سکر جي سينٽ سيويئر چرچ جوڙائي 1898ع ھن سر ايلگزينڊر ميڊو رينڊل اينڊ سنس ۾ ڪنسلٽنٽ انجنئر ويسٽ منسٽر لنڊن ۾ 14 سال تائين پنهنجي وفات 1912ع تائين ڪم ڪيو ھنن گڏجي انڊيا کي ريلوي لاء سامان انجڻيون جيڪي گلوسٽر، برسٽل ۽ سائوٿ ويلز ۾ تيار ڪندا ھئا  ھن ھندستان ۾ ھوگلي ندي جوبلي پل کي پڻ ڊزائن ۽ اسٽيل ورڪ ڪيو 1911ع کيس ميمبر ڪائونسل آف انسٽيٽيوٽ منتخب ڪيو ويو پاڻ انگريزيء سان گڏ عربي ۽ فرانسيسي ٻولي ڄاڻيندو ھو کيس سکر تعنياتي دوران ھڪ پٽ 1881 ع فريڊر ايورٽ جونئر ڄائو پاڻ 16 نومبر 1912ع مختصر علالت بعد 65 ورھن جي عمر ۾ ڪينسنگ انگلينڊ ۾انتقال ڪيو ان وقت پاڻ پنهنجي ننڊي ڌيء وٽ رھائش پزير ھئا

ويسٽ وڊ بيلي ڪمپني 

ھن انگلينڊ جي ڪمپنيء لئنسڊائون پل لاء لوه جو سڄو سامان تيار ڪري ڏنو ھيء وڪٽورين انجنئر ۽ شپ بلڊنگ ڪمپني بيسڊ ايٽ لنڊن يارڊ ڪيوبٽ ٽائون لنڊن ڪمپني 1856ع ۾ رابرٽ بيلي ۽ جوزف ويسٽ وڊ قائم ڪئي جيڪي اڳ ڊچ برن ۽ ميسرس ڪمپني نيوي جا جهاز ٽگ ۽ پليون ٺاھيندا ھئا

پل تي خرچ ھن ريت آيو 

لوھي گرڊر ٽيئر 43000

پيڙھ بنياد 

سکر چينل 160000

روھڙي چينل 276000

گرڊر جو ڪم 

سکر 19900

روھڙي 1701000

پلر ٺاھڻ چتر ڪاري

سکر 113000

روھڙي 65000

فرشبندي

سکر 20000

روھڙي 32000

اسٽاف ڪواٽر ورڪشاپ انگلينڊ کان ڪرينون  ۽ ٽانڪا  لڳائڻ لاء سامان ساڳيا مٿيان ڪم ۽ وسيلا

221000

ٻيڙين جون خدمتون

10000

ٻيا ضروري ڪم

سکر 25000

روھڙي 37000

ڪل ملهہ 3992000

موجده سامان جو تخفيفي ملهہ 170000

صافي رقم 3622000

انگلينڊ جي ڪرنسيء ۾ ڪم جو ڪاٿو ٿيو 21042 پائونڊ 

پل جي داخلي راستن کي 90000  روپين جي لاڳت سا ٺھندڙ چئن پٿريلي گهرن وسيلي تحفظ ڏنو ويو

  1910ع پل کي وڌيڪ ڪم ڪار ڪري مضبوط بڻايو وي 

1914ع موسمي حرارت ڪري ٽرين جي رفتار 8 ڪلوميٽر في ڪلاڪ مقرر ڪئي وئي 

1936ع ھيرالڊ ووڊ رابسن ڊپٽي چيف انجنئر ريلوي برجز پل کي تبديل ڪرڻ لاء 2 آرڪ ڊزائن ڪري مغل پور ورڪشاپ ۾ ڊرائنگ ڪيا پر ڪم اڳي ڪون وڌيو

1939ع پل تان 200 ٽن غير ضروري وزن ھٽايو ويو 

1924ع ٻي پل جي تعمير جو منصوبو جوڙيو ويو ھو جيڪو وڃي 1961ع شروع ٿيو ۽ ۽ 1962ع ايوب پل جي شڪل ۾ پائي تڪميل تي پهتو 

لئنسڊائون پل جي ٻنهي ڪينچن جي وچ تي 200 فٽن جو محراب رکيل آھي جنهن جي ڪينچين سڍن جوڙ ۾ لچڪ رکيل آھي جنهن جوڙن ۾ ريلوي جو عملو گريس وجهندو آھي ۽ اڪثر ڏٺو ويو آھي تہ جڏھھن ھن پل تي عوام يا گاڏين جيرش ٿيندي آھي تی ھي پنهنجي جيڪن جي ڪري لڏندي آھي اگر اھو سسٽم رکيل نہ ھجي تہ پل کي نقصان جو خطرو ٿي سگهي ھا 

ھن وقت پل جي حالت ڏسي دل کي تڪليف رسندي آھي نہ صفائي نہ رنگ روغن نہ مرمت نہ رات جو روشني حالت اھا جو سندس پاڻيء جي نيڪال جا رستا اڻ ڄاڻ ڪري بند ۽ مينهن ۾ پل تلاء جو ڏيک ڏيندي آھي ھن وقت سنڌ ۽ وفاق جي جهڳڙي جي ور چڙھيل نتيجي ۾ پل کي ڪنهن ڏينهن وڏو نقصان رسي سگهي ٿو جنهن بعد اسين صرف افسوس ڪندا رھجي وينداسين
















































Autor Facebook Syed Imdad Hussain Shah

Extenal Link Rohri.net

Tuesday, May 25, 2021

Rohri In Sindhi


 Right click save wallpaper Sindhi text

Friday, May 21, 2021

This kind of spider common fund in Rohri Sukkur and near places

This kind of spider common fund in Rohri Sukkur and near places

The spiders are arthropods having eight legs and come under the class Arachnida. They are classified into many different types and there are around 40,000 species categorized in 109 families. Unlike other insect species, spiders do not possess antennae. Their limbs do not have extensor muscles. The extension of limbs takes place by means of hydraulic pressure. Spinnerets are the glands present at the abdominal tips of spiders


Friday, May 14, 2021

The built of Shikarpur

 The built of Shikarpur is told about 1617 A.D. (ﻫ 1026). First time the discovery about Shikarpur was came in the journey of Captain Alexander Burnes “A Voyage on Indus travels in to Bukhara”, then the theory of Alexander was revised in the report of Captain F.G. Gold Smid “A historical memories on Shikarpur”، it is “The late Sir Alexander Burnes records Hijra 1026 as the year in which Shikarpur was built, this corresponds with Anno Domini 1617, and it is ascertained by Ghok (غوک) or Frog (Marking a marshy neighborhood) to be found in the mosque of Haji Fakeer Ola, out side the Lakhi Gate of town. This numerical value is thus explained (غ =١٠٠٠ + و = ٦+ ک =٢٠= ١٠٢٦ﻉ)”.

When Jalal Abro got death in 1669, then his sons went in a frication with Bahadur Khan Daudpota, for that reason Daudpotas migrated from Tarahi and placed in the area of today’s Shikarpur. And the got this area (Shikarpur) from Governor of Sibi (Balochistan), Mirza Khan Punni (1666-1699), where before this area was a hunting place (شڪارگاه) and for this Daudpotas named this area Shikarpur. This was mid of 1669 to 1675, means Shikarpur was built in this period. In that period near Shikarpur (in today’s Lakhi Ghulam Shah) Mahar tribes were big affected politically and tribally. And Sher Khan Mahar was the Sardar (leader) of Mahar tribe.

After few time Sardar Sher Khan Mahar got dispute with Daudpotas in imbroglio of land. In the result Sher Khan Mahar got defeat and Daudpotas got Occupation on Mahar tribe area Lakhi. Daudpotas despoiled and ruined Lakhi and whatever the got from victory (money, jewelery, and luggage), they built 8 wall around Shikarpur, which are following.


1. Lakhi Dar (Gate)

2. Hazari Dar

3. Hathi Dar

4. Wagno Dar

5. Sivi Dar

6. Karan Dar

7. Naushero Dar

8. Khanpur Dar


17th February 1843, Britishers defeat Talpurs, got victory on Shikarpur (and whole Sindh) and they changed the Capital of Sindh Hyderabad into Karachi. Britishers brought Sindh in a new administrative infrastructure and they divided the Sindh in three Collect orates Karachi, Hyderabad, and Shikarpur. 14 Talukas were included in Shikarpur Collect orate.


1. Shikarpur

2. Naushero Abro

3. Larkana (or Larkano)

4. Rato Dero

5. Qambar

6. Naseerabad

7. Kakar

8. Mehar

9. Sukkur

10. Rohri

11. Lab-e-Darya

12. Ghotki

13. Mirpur Mathelo

14. Obawro

Author: Abro Imran Murtaza

E-mail : abroimran@yahoo.com

Wednesday, May 12, 2021

Eid al Fitr 2021


 

Pakistan Islamabad The RHC Ruet-e-Hilal Committee announced Eid al Fitr Mid Night to be observed on Thursday May13 after the Shawwal 1442 AH Moon was Sighted today. Eid al Fitr Namaz Prayers will be offered in Thursday 8:30 Am the locale Rohri  Sukkur administration of the Mosque Eid Gahs and Imam Bargahs. Prayers (Namaz) will held across Pakistan in strict to Security and Covid-19 SOP 

Monday, May 10, 2021

Approved New Bridge construction by Sindh High court SHC

SUKKUR: Sindh High Court (SHC) on Wednesday ordered construction of a new bridge over Indus River between Sukkur and Rohri, ARY News reported on Wednesday. People’s Party leader Khursheed Shah had filed a petition at Sukkur circuit bench of the high court seeking construction of a new bridge over Indus as Sukkur’s iconic Lansdowne Bridge has been in shambles. Shah’s counsel Mehfooz Awan in his arguments before the bench highlighted the necessity of building a new bridge over the river to connect the cities of Sukkur and Rohri on the left and right banks of Indus. The officials of the National Highway Authority (NHA) were also present during the court hearing. The bench issued orders for preparation of feasibility report of the new bridge within two months. It is to be mentioned here that the high court’s Sukkur bench had earlier took up a constitutional petition seeking proper upkeep of the Lansdowne Bridge. The bench headed by Justice Aftab Ahmed Gorar had issued notices to the Pakistan Railways secretary, the Divisional Superintendent Railways Sukkur, the provincial heritage secretary and the city’s deputy commissioner to submit their response to the petition by next hearing. Advocate Sohail Memon, a resident of Sukkur, had moved the petition stating that the bridge constructed over the River Indus and connects Sukkur with Rohri, is part of the country’s historic heritage but unfortunately, was in shambles due to several years of neglect.

Tuesday, May 4, 2021

21 Ramzan ul Mubarak Martyrdom of Hazrat Ali (Yaum-e-Ali) حضرت علی

21 Ramzan ul Mubarak Martyrdom of Hazrat Ali (Yaum-e-Ali) حضرت علی , will be observed here on Monday (21st of Ramzan, 1440 Hijrah) with full religious respect. which is being observed on May 27, the 21st of Ramadan. Majalis and juloos are also held to pay homage to the fourth caliph of Muslims. video source :Youtube http://www.rohri.net 

21 رمضان المبارک شہادت حضرت علی (یوم علی) حضرت علی رضی اللہ عنہ منگل (21 رمضان المبارک سن 1440 ہجری) کو پورے مذہبی احترام کے ساتھ منایا جائے گا۔ جو 21 مئی رمضان المبارک کو منایا جارہا ہے۔ مسلمانوں کے چوتھے خلیفہ کو خراج عقیدت پیش کرنے کے لئے مجالس اور جلوس بھی رکھے جاتے ہیں۔